Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #101 Translated in Sindhi

إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ فَاتَّبَعُوا أَمْرَ فِرْعَوْنَ ۖ وَمَا أَمْرُ فِرْعَوْنَ بِرَشِيدٍ
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم صحيح نہ ھو
يَقْدُمُ قَوْمَهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَأَوْرَدَهُمُ النَّارَ ۖ وَبِئْسَ الْوِرْدُ الْمَوْرُودُ
قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي
وَأُتْبِعُوا فِي هَٰذِهِ لَعْنَةً وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ بِئْسَ الرِّفْدُ الْمَرْفُودُ
۽ ھن (دنيا) ۾ (بہ) لعنت اُنھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (بہ)، جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي
ذَٰلِكَ مِنْ أَنْبَاءِ الْقُرَىٰ نَقُصُّهُ عَلَيْكَ ۖ مِنْهَا قَائِمٌ وَحَصِيدٌ
(اي پيغمبر!) اِھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي تو تي بيان ڪريون ٿا اُنھن مان (ڪي) قائم بيٺل ۽ (ڪي) ناس ٿيل آھن
وَمَا ظَلَمْنَاهُمْ وَلَٰكِنْ ظَلَمُوا أَنْفُسَهُمْ ۖ فَمَا أَغْنَتْ عَنْهُمْ آلِهَتُهُمُ الَّتِي يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ شَيْءٍ لَمَّا جَاءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَمَا زَادُوهُمْ غَيْرَ تَتْبِيبٍ
۽ اسان اُنھن تي ظلم نہ ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (تنھن مھل) سندن معبودن، جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھئا کانئن ڪُجھ بہ نہ ٽاريو، ۽ ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) کين نہ وڌايائون

Choose other languages: