Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #83 Translated in Sindhi

قَالُوا لَقَدْ عَلِمْتَ مَا لَنَا فِي بَنَاتِكَ مِنْ حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعْلَمُ مَا نُرِيدُ
چيائون تہ تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين تہ اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانھي، ۽ جيڪي اسين گھرون ٿا سو ضرور تون ڄاڻندو آھين
قَالَ لَوْ أَنَّ لِي بِكُمْ قُوَّةً أَوْ آوِي إِلَىٰ رُكْنٍ شَدِيدٍ
(لوط) چيو تہ جيڪڏھن مون کي اوھان سان (مقابلي جي) سگھ ھجي ھا يا ڪنھن مضبوط سھاري ڏانھن پناھ وٺان ھا! (تہ جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا)
قَالُوا يَا لُوطُ إِنَّا رُسُلُ رَبِّكَ لَنْ يَصِلُوا إِلَيْكَ ۖ فَأَسْرِ بِأَهْلِكَ بِقِطْعٍ مِنَ اللَّيْلِ وَلَا يَلْتَفِتْ مِنْكُمْ أَحَدٌ إِلَّا امْرَأَتَكَ ۖ إِنَّهُ مُصِيبُهَا مَا أَصَابَهُمْ ۚ إِنَّ مَوْعِدَهُمُ الصُّبْحُ ۚ أَلَيْسَ الصُّبْحُ بِقَرِيبٍ
(ملائڪن) چيو تہ اي لُوط! اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن پھچي نہ سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏيئي نڪر ۽ اوھان کي جڳائي تہ ڪو ھڪڙو پوئتي (ڪافرن جي عذاب ڏانھن) نہ واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري جو جيڪو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (بہ) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، (تون اُٻاھرو نہ ٿي) صُبح ويجھو نہ آھي ڇا؟
فَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا جَعَلْنَا عَالِيَهَا سَافِلَهَا وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهَا حِجَارَةً مِنْ سِجِّيلٍ مَنْضُودٍ
پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو تہ اُن (ڳوٺ جي) مٿاھين (ڀر) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳو لڳ وساياسون
مُسَوَّمَةً عِنْدَ رَبِّكَ ۖ وَمَا هِيَ مِنَ الظَّالِمِينَ بِبَعِيدٍ
جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھئا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نہ ھئي

Choose other languages: