Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #33 Translated in Sindhi

وَيَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مَالًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى اللَّهِ ۚ وَمَا أَنَا بِطَارِدِ الَّذِينَ آمَنُوا ۚ إِنَّهُمْ مُلَاقُو رَبِّهِمْ وَلَٰكِنِّي أَرَاكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ
۽ اي منھنجي قوم! (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال (املاڪ) نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نہ آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نہ آھيان، ڇو تہ اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو
وَيَا قَوْمِ مَنْ يَنْصُرُنِي مِنَ اللَّهِ إِنْ طَرَدْتُهُمْ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
۽ اي منھنجي قوم! جيڪڏھن کين تڙيندس تہ مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟
وَلَا أَقُولُ لَكُمْ عِنْدِي خَزَائِنُ اللَّهِ وَلَا أَعْلَمُ الْغَيْبَ وَلَا أَقُولُ إِنِّي مَلَكٌ وَلَا أَقُولُ لِلَّذِينَ تَزْدَرِي أَعْيُنُكُمْ لَنْ يُؤْتِيَهُمُ اللَّهُ خَيْرًا ۖ اللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا فِي أَنْفُسِهِمْ ۖ إِنِّي إِذًا لَمِنَ الظَّالِمِينَ
۽ آءٌ اوھان کي نہ ٿو چوان تہ مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو تہ آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون حقير سمجھن ٿيون تن لاءِ نہ ٿو چوان تہ الله کين ڪا ڀلائي ڪڏھن نہ ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله بھتر ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس تہ) آءٌ اُنھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس
قَالُوا يَا نُوحُ قَدْ جَادَلْتَنَا فَأَكْثَرْتَ جِدَالَنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَا إِنْ كُنْتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
چيائون تہ اي نوح! بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين تہ اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ
قَالَ إِنَّمَا يَأْتِيكُمْ بِهِ اللَّهُ إِنْ شَاءَ وَمَا أَنْتُمْ بِمُعْجِزِينَ
(نوح) چيو تہ اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو تہ ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نہ آھيو

Choose other languages: