Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #80 Translated in Sindhi

ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ
(ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو! منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)، پوءِ (ڏسو تہ دوزخ) ھٺيلن جي بڇڙي جاءِ آھي
فَاصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ ۚ فَإِمَّا نُرِيَنَّكَ بَعْضَ الَّذِي نَعِدُهُمْ أَوْ نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَيْنَا يُرْجَعُونَ
پوءِ (اي پيغمبر! تون) صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي، پوءِ جيڪڏھن کين جيڪو انجام ڏيون ٿا، تنھن مان ڪجھ تو کي (دُنيا ۾) ڏيکاريون يا (عذاب جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ) تو کي وفات ڏيون تہ (بہ نيٺ) اسان ڏانھن موٽائبا
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِنْ قَبْلِكَ مِنْهُمْ مَنْ قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُمْ مَنْ لَمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ ۗ وَمَا كَانَ لِرَسُولٍ أَنْ يَأْتِيَ بِآيَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ اللَّهِ ۚ فَإِذَا جَاءَ أَمْرُ اللَّهِ قُضِيَ بِالْحَقِّ وَخَسِرَ هُنَالِكَ الْمُبْطِلُونَ
۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون، منجھانئن ڪنھن جو احوال تو کي بيان ڪيوسون ۽ منجھانئن ڪنھن جو احوال تو کي بيان نہ ڪيوسون، ۽ ڪنھن بہ پيغمبر کي الله جي حُڪم کانسواءِ ڪنھن (بہ) مُعجزي آڻڻ (جو اختيار) نہ ھو، پوءِ جڏھن الله جو حُڪم آيو، تڏھن انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوُڙن نقصان پاتو
اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَنْعَامَ لِتَرْكَبُوا مِنْهَا وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڍور پيدا ڪيا تہ اُنھن مان ڪن تي چڙھو ۽ منجھانئن ڪي کائيندا آھيو
وَلَكُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَلِتَبْلُغُوا عَلَيْهَا حَاجَةً فِي صُدُورِكُمْ وَعَلَيْهَا وَعَلَى الْفُلْكِ تُحْمَلُونَ
۽ منجھن اوھان لاءِ گھڻا فائدا آھن ۽ تہ مٿن چڙھي اُنھيءَ مطلب کي، جو اوھان جي دلين ۾ آھي، سو پورو ڪريو ۽ مٿن ۽ ٻيڙين تي اوھان کي چاڙھبو آھي

Choose other languages: