Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #24 Translated in Sindhi

وَاللَّهُ يَقْضِي بِالْحَقِّ ۖ وَالَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِهِ لَا يَقْضُونَ بِشَيْءٍ ۗ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ
۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن، سي ڪجھ بہ حُڪم نہ ڪندا آھن، ڇو تہ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
أَوَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ كَانُوا مِنْ قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا هُمْ أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَآثَارًا فِي الْأَرْضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنُوبِهِمْ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِنَ اللَّهِ مِنْ وَاقٍ
مُلڪ ۾ نہ گھميا آھن ڇا؟ تہ (نھاري) ڏسن تہ انھن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي جيڪي کانئن اڳ ھئا، اُھي کانئن سگھ ۾ زمين تي نشانين (يعني محلاتن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھئا، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو ۽ الله (جي عذاب) کان اُنھن کي ڪو بچائيندڙ نہ ھو
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانَتْ تَأْتِيهِمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَكَفَرُوا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ قَوِيٌّ شَدِيدُ الْعِقَابِ
اِھا (سزا) ھن ڪري ھين جو سندن پيغمبر (پڌرن) مُعجزن سان وٽن آيا ٿي، پوءِ انڪار ڪيائون، تنھنڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو سگھارو سخت سزا ڏيڻ وارو آھي
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُبِينٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حجت سان موڪليوسون
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَقَارُونَ فَقَالُوا سَاحِرٌ كَذَّابٌ
فرعون ۽ ھامان ۽ قارون ڏانھن، پوءِ چيائون تہ ڪُوڙو جادوگر آھي

Choose other languages: