Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #15 Translated in Sindhi

قَالُوا رَبَّنَا أَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَأَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوبِنَا فَهَلْ إِلَىٰ خُرُوجٍ مِنْ سَبِيلٍ
چوندا تہ، اي اسانجا پالڻھار! اسان کي ٻہ ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻہ ڀيرا جياريئي، تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجي گناھن کي (پڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟
ذَٰلِكُمْ بِأَنَّهُ إِذَا دُعِيَ اللَّهُ وَحْدَهُ كَفَرْتُمْ ۖ وَإِنْ يُشْرَكْ بِهِ تُؤْمِنُوا ۚ فَالْحُكْمُ لِلَّهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيرِ
(چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) اِنھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو تہ (اِن ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله ئي جو حڪم آھي
هُوَ الَّذِي يُرِيكُمْ آيَاتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِنَ السَّمَاءِ رِزْقًا ۚ وَمَا يَتَذَكَّرُ إِلَّا مَنْ يُنِيبُ
(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (الله ڏانھن) موٽندو
فَادْعُوا اللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ
پوءِ الله لاءِ پنھنجيءَ عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو، جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀائين
رَفِيعُ الدَّرَجَاتِ ذُو الْعَرْشِ يُلْقِي الرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو (۽) عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي، (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي تہ (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري

Choose other languages: