Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #52 Translated in Sindhi

وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَدْعُونَ مِنْ قَبْلُ ۖ وَظَنُّوا مَا لَهُمْ مِنْ مَحِيصٍ
۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھئا سي کانئن ڀُلجي ويندا ۽ ڀائيندا تہ کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي
لَا يَسْأَمُ الْإِنْسَانُ مِنْ دُعَاءِ الْخَيْرِ وَإِنْ مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَئُوسٌ قَنُوطٌ
انسان چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نہ ٿڪبو آھي ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي تہ پوءِ نااُميد ٿي آسرو ڇنندو آھي
وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ رَحْمَةً مِنَّا مِنْ بَعْدِ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ هَٰذَا لِي وَمَا أَظُنُّ السَّاعَةَ قَائِمَةً وَلَئِنْ رُجِعْتُ إِلَىٰ رَبِّي إِنَّ لِي عِنْدَهُ لَلْحُسْنَىٰ ۚ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا بِمَا عَمِلُوا وَلَنُذِيقَنَّهُمْ مِنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ
۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون تہ ضرور چوندو آھي تہ ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نہ ٿو ڀانيان تہ قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس تہ بيشڪ مون لاءِ وٽس (بہ) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي، تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون
وَإِذَا أَنْعَمْنَا عَلَى الْإِنْسَانِ أَعْرَضَ وَنَأَىٰ بِجَانِبِهِ وَإِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذُو دُعَاءٍ عَرِيضٍ
۽ جڏھن ماڻھوءَ تي نعمت ڪندا آھيون، تڏھن مُنھن ڦيرائيندو آھي ۽ پنھنجو پاسو موڙيندو آھي ۽ جڏھن کيس (ڪا) اوکائي پھچندي آھي، تڏھن وڏيون ڊگھيون دعائون گھُرندو آھي
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرْتُمْ بِهِ مَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ هُوَ فِي شِقَاقٍ بَعِيدٍ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين ڏسو تہ جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو تہ جيڪو وڏي ضِد ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟

Choose other languages: