Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #47 Translated in Sindhi

مَا يُقَالُ لَكَ إِلَّا مَا قَدْ قِيلَ لِلرُّسُلِ مِنْ قَبْلِكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ وَذُو عِقَابٍ أَلِيمٍ
(اي پيغمبر!) تو کي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ چئبو آھي، جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (بہ) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (بہ) آھي
وَلَوْ جَعَلْنَاهُ قُرْآنًا أَعْجَمِيًّا لَقَالُوا لَوْلَا فُصِّلَتْ آيَاتُهُ ۖ أَأَعْجَمِيٌّ وَعَرَبِيٌّ ۗ قُلْ هُوَ لِلَّذِينَ آمَنُوا هُدًى وَشِفَاءٌ ۖ وَالَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ فِي آذَانِهِمْ وَقْرٌ وَهُوَ عَلَيْهِمْ عَمًى ۚ أُولَٰئِكَ يُنَادَوْنَ مِنْ مَكَانٍ بَعِيدٍ
۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان سواءِ ڌاري ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا تہ ضرور (ڪافر) چون ھا تہ سنديس آيتون ڇو نہ کولي بيان ڪيون ويون آھن؟ ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو)؟ (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نہ مڃيندا آھن تن جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ فَاخْتُلِفَ فِيهِ ۗ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِي شَكٍّ مِنْهُ مُرِيبٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نہ ٿئي ھا تہ سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن
مَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا ۗ وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِلْعَبِيدِ
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) ۽ جيڪو مدا ڪم ڪندو تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو نہ آھي
إِلَيْهِ يُرَدُّ عِلْمُ السَّاعَةِ ۚ وَمَا تَخْرُجُ مِنْ ثَمَرَاتٍ مِنْ أَكْمَامِهَا وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنْثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِ ۚ وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ أَيْنَ شُرَكَائِي قَالُوا آذَنَّاكَ مَا مِنَّا مِنْ شَهِيدٍ
قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس علم کانسواءِ نہ ڪي ميوا پنھنجن ڳڀن (مکڙين) مان نڪرندا آھن ۽ نہ ڪا مادي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو تہ منھنجا شريڪ (جي اوھين مقرر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن؟ چوندا تہ تو کي خبر ڏني سون تہ اسان مان ڪو بہ (اُنھن جي) ثابت ڪرڻ وارو ڪونھي

Choose other languages: