Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #49 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ فَاخْتُلِفَ فِيهِ ۗ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِي شَكٍّ مِنْهُ مُرِيبٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نہ ٿئي ھا تہ سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن
مَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا ۗ وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِلْعَبِيدِ
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) ۽ جيڪو مدا ڪم ڪندو تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو نہ آھي
إِلَيْهِ يُرَدُّ عِلْمُ السَّاعَةِ ۚ وَمَا تَخْرُجُ مِنْ ثَمَرَاتٍ مِنْ أَكْمَامِهَا وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنْثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِ ۚ وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ أَيْنَ شُرَكَائِي قَالُوا آذَنَّاكَ مَا مِنَّا مِنْ شَهِيدٍ
قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس علم کانسواءِ نہ ڪي ميوا پنھنجن ڳڀن (مکڙين) مان نڪرندا آھن ۽ نہ ڪا مادي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو تہ منھنجا شريڪ (جي اوھين مقرر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن؟ چوندا تہ تو کي خبر ڏني سون تہ اسان مان ڪو بہ (اُنھن جي) ثابت ڪرڻ وارو ڪونھي
وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَدْعُونَ مِنْ قَبْلُ ۖ وَظَنُّوا مَا لَهُمْ مِنْ مَحِيصٍ
۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھئا سي کانئن ڀُلجي ويندا ۽ ڀائيندا تہ کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي
لَا يَسْأَمُ الْإِنْسَانُ مِنْ دُعَاءِ الْخَيْرِ وَإِنْ مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَئُوسٌ قَنُوطٌ
انسان چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نہ ٿڪبو آھي ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي تہ پوءِ نااُميد ٿي آسرو ڇنندو آھي

Choose other languages: