Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #47 Translated in Sindhi

وَصَدَّهَا مَا كَانَتْ تَعْبُدُ مِنْ دُونِ اللَّهِ ۖ إِنَّهَا كَانَتْ مِنْ قَوْمٍ كَافِرِينَ
۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي، تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي
قِيلَ لَهَا ادْخُلِي الصَّرْحَ ۖ فَلَمَّا رَأَتْهُ حَسِبَتْهُ لُجَّةً وَكَشَفَتْ عَنْ سَاقَيْهَا ۚ قَالَ إِنَّهُ صَرْحٌ مُمَرَّدٌ مِنْ قَوَارِيرَ ۗ قَالَتْ رَبِّ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي وَأَسْلَمْتُ مَعَ سُلَيْمَانَ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
اُن کي چيو ويو تہ، محلات ۾ گھِڙ! پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمان) چيو تہ اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا إِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَالِحًا أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ فَإِذَا هُمْ فَرِيقَانِ يَخْتَصِمُونَ
۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون تہ الله جي عبادت ڪريو، پوءِ اُھي اُن مھل ٻہ ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪندا رھندا
قَالَ يَا قَوْمِ لِمَ تَسْتَعْجِلُونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ ۖ لَوْلَا تَسْتَغْفِرُونَ اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
(صالح) چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھين چڱائيءَ کان اڳ برائيءَ جي تڪڙ ڇو ڪندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇو نہ ٿا گھرو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
قَالُوا اطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَنْ مَعَكَ ۚ قَالَ طَائِرُكُمْ عِنْدَ اللَّهِ ۖ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ تُفْتَنُونَ
چيائون تہ، تو کي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو تہ، اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي، بلڪ اوھين پرکيل قوم آھيو

Choose other languages: