Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #43 Translated in Sindhi

قَالَ عِفْرِيتٌ مِنَ الْجِنِّ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ تَقُومَ مِنْ مَقَامِكَ ۖ وَإِنِّي عَلَيْهِ لَقَوِيٌّ أَمِينٌ
جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو تہ، تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين، تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان
قَالَ الَّذِي عِنْدَهُ عِلْمٌ مِنَ الْكِتَابِ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ ۚ فَلَمَّا رَآهُ مُسْتَقِرًّا عِنْدَهُ قَالَ هَٰذَا مِنْ فَضْلِ رَبِّي لِيَبْلُوَنِي أَأَشْكُرُ أَمْ أَكْفُرُ ۖ وَمَنْ شَكَرَ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ كَفَرَ فَإِنَّ رَبِّي غَنِيٌّ كَرِيمٌ
(ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو، (تنھن) چيو تہ، تنھنجي نگاھ جي تو ڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو، (تنھن مھل) چيائين تہ ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) تہ مونکي پرکي تہ شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي تہ منھنجو پالڻھار بي پرواھ ڪرم ڪندڙ آھي
قَالَ نَكِّرُوا لَهَا عَرْشَهَا نَنْظُرْ أَتَهْتَدِي أَمْ تَكُونُ مِنَ الَّذِينَ لَا يَهْتَدُونَ
(سُليمان) چيو تہ، اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ بدليو تہ ڏسون تہ سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي، جيڪي نہ سڃاڻن؟
فَلَمَّا جَاءَتْ قِيلَ أَهَٰكَذَا عَرْشُكِ ۖ قَالَتْ كَأَنَّهُ هُوَ ۚ وَأُوتِينَا الْعِلْمَ مِنْ قَبْلِهَا وَكُنَّا مُسْلِمِينَ
پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو تہ، تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين تہ ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائيءَ بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني ويئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون
وَصَدَّهَا مَا كَانَتْ تَعْبُدُ مِنْ دُونِ اللَّهِ ۖ إِنَّهَا كَانَتْ مِنْ قَوْمٍ كَافِرِينَ
۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي، تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي

Choose other languages: