Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #41 Translated in Sindhi

ارْجِعْ إِلَيْهِمْ فَلَنَأْتِيَنَّهُمْ بِجُنُودٍ لَا قِبَلَ لَهُمْ بِهَا وَلَنُخْرِجَنَّهُمْ مِنْهَا أَذِلَّةً وَهُمْ صَاغِرُونَ
(سندن سوکڙين سميت) اُنھن ڏانھن موٽي وڃ، (اسين) بيشڪ اھڙا لشڪر وٽن آڻينداسون، جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نہ ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي ذليل ھوندا
قَالَ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ أَيُّكُمْ يَأْتِينِي بِعَرْشِهَا قَبْلَ أَنْ يَأْتُونِي مُسْلِمِينَ
(سليمان) چيو تہ، اي سردارؤ! اوھان مان ڪو اُنھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ سندس تخت مون وٽ آڻيندو؟
قَالَ عِفْرِيتٌ مِنَ الْجِنِّ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ تَقُومَ مِنْ مَقَامِكَ ۖ وَإِنِّي عَلَيْهِ لَقَوِيٌّ أَمِينٌ
جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو تہ، تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين، تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان
قَالَ الَّذِي عِنْدَهُ عِلْمٌ مِنَ الْكِتَابِ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ ۚ فَلَمَّا رَآهُ مُسْتَقِرًّا عِنْدَهُ قَالَ هَٰذَا مِنْ فَضْلِ رَبِّي لِيَبْلُوَنِي أَأَشْكُرُ أَمْ أَكْفُرُ ۖ وَمَنْ شَكَرَ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ كَفَرَ فَإِنَّ رَبِّي غَنِيٌّ كَرِيمٌ
(ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو، (تنھن) چيو تہ، تنھنجي نگاھ جي تو ڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو، (تنھن مھل) چيائين تہ ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) تہ مونکي پرکي تہ شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي تہ منھنجو پالڻھار بي پرواھ ڪرم ڪندڙ آھي
قَالَ نَكِّرُوا لَهَا عَرْشَهَا نَنْظُرْ أَتَهْتَدِي أَمْ تَكُونُ مِنَ الَّذِينَ لَا يَهْتَدُونَ
(سُليمان) چيو تہ، اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ بدليو تہ ڏسون تہ سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي، جيڪي نہ سڃاڻن؟

Choose other languages: