Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #20 Translated in Sindhi

وَوَرِثَ سُلَيْمَانُ دَاوُودَ ۖ وَقَالَ يَا أَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَأُوتِينَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۖ إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِينُ
۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين تہ اي ماڻھؤ! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اِھا ئي پڌري ڀلائي آھي
وَحُشِرَ لِسُلَيْمَانَ جُنُودُهُ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا، پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھئا
حَتَّىٰ إِذَا أَتَوْا عَلَىٰ وَادِ النَّمْلِ قَالَتْ نَمْلَةٌ يَا أَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوا مَسَاكِنَكُمْ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمَانُ وَجُنُودُهُ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
تان جو جڏھن ڪِولين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِول چيو تہ اي ڪِوليون! اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو تہ سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نہ لتاڙين
فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِي أَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلَىٰ وَالِدَيَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضَاهُ وَأَدْخِلْنِي بِرَحْمَتِكَ فِي عِبَادِكَ الصَّالِحِينَ
پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق ڏي تہ تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان، جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) تہ اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر
وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَا أَرَى الْهُدْهُدَ أَمْ كَانَ مِنَ الْغَائِبِينَ
۽ پکين جي جانچ پڙتال ڪيائين، پوءِ (ھُدھُد کي نہ ڏسي ڪري) چيائين تہ، مون کي ڇا (ٿيو) آھي، جو ھُدھُد نہ ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟

Choose other languages: