Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #47 Translated in Sindhi

وَمَا أَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ إِلَّا رِجَالًا نُوحِي إِلَيْهِمْ ۚ فَاسْأَلُوا أَهْلَ الذِّكْرِ إِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان سواءِ نہ موڪليو اٿئون اُنھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي انسانؤ!) جيڪڏھن (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو تہ علم وارن کان پڇو
بِالْبَيِّنَاتِ وَالزُّبُرِ ۗ وَأَنْزَلْنَا إِلَيْكَ الذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ إِلَيْهِمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو تہ جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ منَ اُھي سوچين
أَفَأَمِنَ الَّذِينَ مَكَرُوا السَّيِّئَاتِ أَنْ يَخْسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الْأَرْضَ أَوْ يَأْتِيَهُمُ الْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
جن براين جي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا تہ الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نہ ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي؟
أَوْ يَأْخُذَهُمْ فِي تَقَلُّبِهِمْ فَمَا هُمْ بِمُعْجِزِينَ
يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن
أَوْ يَأْخُذَهُمْ عَلَىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَحِيمٌ
يا ڀوائتي حالت ۾ کين پڪڙي پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي

Choose other languages: