Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #32 Translated in Sindhi

الَّذِينَ تَتَوَفَّاهُمُ الْمَلَائِكَةُ ظَالِمِي أَنْفُسِهِمْ ۖ فَأَلْقَوُا السَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِنْ سُوءٍ ۚ بَلَىٰ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساھ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھئا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا تہ) اسان ڪا بڇڙائي نہ ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا تہ) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي
فَادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَلَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي
وَقِيلَ لِلَّذِينَ اتَّقَوْا مَاذَا أَنْزَلَ رَبُّكُمْ ۚ قَالُوا خَيْرًا ۗ لِلَّذِينَ أَحْسَنُوا فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَنَةٌ ۚ وَلَدَارُ الْآخِرَةِ خَيْرٌ ۚ وَلَنِعْمَ دَارُ الْمُتَّقِينَ
۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو تہ اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ چوندا تہ چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي
جَنَّاتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۖ لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَاءُونَ ۚ كَذَٰلِكَ يَجْزِي اللَّهُ الْمُتَّقِينَ
جو ھميشہ جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا اُنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو اُنھن لاءِ منجھس آھي، اَھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو
الَّذِينَ تَتَوَفَّاهُمُ الْمَلَائِكَةُ طَيِّبِينَ ۙ يَقُولُونَ سَلَامٌ عَلَيْكُمُ ادْخُلُوا الْجَنَّةَ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن السلام عليڪم جيڪي (عمل) ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو

Choose other languages: