Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #29 Translated in Sindhi

لِيَحْمِلُوا أَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۙ وَمِنْ أَوْزَارِ الَّذِينَ يُضِلُّونَهُمْ بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ أَلَا سَاءَ مَا يَزِرُونَ
(اِھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجا پورا بار کڻندا ۽ جن کي بنا علم جي گمراھ ڪندا آھن تن جا (بہ) ڪجھ بار کڻندا، خبردار! جيڪو (بہ) بار کڻندا سو بڇڙو آھي
قَدْ مَكَرَ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَأَتَى اللَّهُ بُنْيَانَهُمْ مِنَ الْقَوَاعِدِ فَخَرَّ عَلَيْهِمُ السَّقْفُ مِنْ فَوْقِهِمْ وَأَتَاهُمُ الْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
جيڪي کائن اَڳ ھئا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جي حُڪم سندن اڏاوتن کي بنيادن کان پٽيو پوءِ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نہ ٿي
ثُمَّ يَوْمَ الْقِيَامَةِ يُخْزِيهِمْ وَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَائِيَ الَّذِينَ كُنْتُمْ تُشَاقُّونَ فِيهِمْ ۚ قَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ إِنَّ الْخِزْيَ الْيَوْمَ وَالسُّوءَ عَلَى الْكَافِرِينَ
وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو تہ (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا تہ اَڄ اُنھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي
الَّذِينَ تَتَوَفَّاهُمُ الْمَلَائِكَةُ ظَالِمِي أَنْفُسِهِمْ ۖ فَأَلْقَوُا السَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِنْ سُوءٍ ۚ بَلَىٰ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساھ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھئا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا تہ) اسان ڪا بڇڙائي نہ ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا تہ) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي
فَادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَلَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي

Choose other languages: