Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #104 Translated in Sindhi

إِنَّمَا سُلْطَانُهُ عَلَى الَّذِينَ يَتَوَلَّوْنَهُ وَالَّذِينَ هُمْ بِهِ مُشْرِكُونَ
سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (اُنھن تي بہ) جيڪي الله سان شريڪ (مقرر) ڪندا آھن
وَإِذَا بَدَّلْنَا آيَةً مَكَانَ آيَةٍ ۙ وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُنَزِّلُ قَالُوا إِنَّمَا أَنْتَ مُفْتَرٍ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
۽ جڏھن ھڪڙيءَ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن تہ تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نہ!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
قُلْ نَزَّلَهُ رُوحُ الْقُدُسِ مِنْ رَبِّكَ بِالْحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذِينَ آمَنُوا وَهُدًى وَبُشْرَىٰ لِلْمُسْلِمِينَ
(اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي تہ مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي
وَلَقَدْ نَعْلَمُ أَنَّهُمْ يَقُولُونَ إِنَّمَا يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ ۗ لِسَانُ الَّذِي يُلْحِدُونَ إِلَيْهِ أَعْجَمِيٌّ وَهَٰذَا لِسَانٌ عَرَبِيٌّ مُبِينٌ
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون تہ اُھي چوندا آھن تہ اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اِھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھيءُ (قرآن) چٽي عربي ٻوليءَ ۾ آھي
إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِآيَاتِ اللَّهِ لَا يَهْدِيهِمُ اللَّهُ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي

Choose other languages: