Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #88 Translated in Sindhi

وَمَا كُنْتَ تَرْجُو أَنْ يُلْقَىٰ إِلَيْكَ الْكِتَابُ إِلَّا رَحْمَةً مِنْ رَبِّكَ ۖ فَلَا تَكُونَنَّ ظَهِيرًا لِلْكَافِرِينَ
۽ تو کي ڪو آسرو نہ ھو تہ تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو، پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نہ ٿج
وَلَا يَصُدُّنَّكَ عَنْ آيَاتِ اللَّهِ بَعْدَ إِذْ أُنْزِلَتْ إِلَيْكَ ۖ وَادْعُ إِلَىٰ رَبِّكَ ۖ وَلَا تَكُونَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِينَ
۽ (اي پيغمبر!) تو کي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان، اُن کان بعد جو تو ڏانھن موڪليون ويون، (ڪافر) نہ جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نہ ٿيءُ
وَلَا تَدْعُ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ ۘ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ كُلُّ شَيْءٍ هَالِكٌ إِلَّا وَجْهَهُ ۚ لَهُ الْحُكْمُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نہ سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شئي ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ

Choose other languages: