Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #88 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِي فَرَضَ عَلَيْكَ الْقُرْآنَ لَرَادُّكَ إِلَىٰ مَعَادٍ ۚ قُلْ رَبِّي أَعْلَمُ مَنْ جَاءَ بِالْهُدَىٰ وَمَنْ هُوَ فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
بيشڪ جنھن (الله) تو تي قرآن نازل ڪيو، سو موٽڻ جي جاءِ (آخرت) ڏانھن تو کي ضرور موٽائڻ وارو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جنھن ھدايت آندي، تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي بہ جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي
وَمَا كُنْتَ تَرْجُو أَنْ يُلْقَىٰ إِلَيْكَ الْكِتَابُ إِلَّا رَحْمَةً مِنْ رَبِّكَ ۖ فَلَا تَكُونَنَّ ظَهِيرًا لِلْكَافِرِينَ
۽ تو کي ڪو آسرو نہ ھو تہ تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو، پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نہ ٿج
وَلَا يَصُدُّنَّكَ عَنْ آيَاتِ اللَّهِ بَعْدَ إِذْ أُنْزِلَتْ إِلَيْكَ ۖ وَادْعُ إِلَىٰ رَبِّكَ ۖ وَلَا تَكُونَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِينَ
۽ (اي پيغمبر!) تو کي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان، اُن کان بعد جو تو ڏانھن موڪليون ويون، (ڪافر) نہ جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نہ ٿيءُ
وَلَا تَدْعُ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ ۘ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ كُلُّ شَيْءٍ هَالِكٌ إِلَّا وَجْهَهُ ۚ لَهُ الْحُكْمُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نہ سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شئي ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ

Choose other languages: