Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #62 Translated in Sindhi

وَكَمْ أَهْلَكْنَا مِنْ قَرْيَةٍ بَطِرَتْ مَعِيشَتَهَا ۖ فَتِلْكَ مَسَاكِنُهُمْ لَمْ تُسْكَنْ مِنْ بَعْدِهِمْ إِلَّا قَلِيلًا ۖ وَكُنَّا نَحْنُ الْوَارِثِينَ
۽ ڳوٺن مان ڪيترائي ويران ڪياسون، جي پنھنجي گذران ۾ حد کان لنگھيا ھئا، پوءِ اُھي سندن رھڻ جون جايون آھن، اُنھن کانپوءِ ڪن ٿورڙن (وقتن) کانسواءِ (اُتي) رھيوئي ڪونہ آھي، ۽ آخر اسين (ئي) وارث ھياسون
وَمَا كَانَ رَبُّكَ مُهْلِكَ الْقُرَىٰ حَتَّىٰ يَبْعَثَ فِي أُمِّهَا رَسُولًا يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِنَا ۚ وَمَا كُنَّا مُهْلِكِي الْقُرَىٰ إِلَّا وَأَهْلُهَا ظَالِمُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نہ آھي، جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نہ) موڪلي، جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن بہ ناس ڪرڻ وارا نہ آھيون، سواءِ اِنھيءَ حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن
وَمَا أُوتِيتُمْ مِنْ شَيْءٍ فَمَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَزِينَتُهَا ۚ وَمَا عِنْدَ اللَّهِ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
۽ ھر جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي، سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو آھي ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇو نہ سمجھ رکندا آھيو؟
أَفَمَنْ وَعَدْنَاهُ وَعْدًا حَسَنًا فَهُوَ لَاقِيهِ كَمَنْ مَتَّعْنَاهُ مَتَاعَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ثُمَّ هُوَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ مِنَ الْمُحْضَرِينَ
ڀلا جنھن کي انجام چڱو ڏنوسون پوءِ اُھو ان کي ملڻ وارو آھي، سو اِنھي جھڙو آھي ڇا، جنھن کي رڳو دنيا جي حياتيءَ جي سامان سان خوشحال ڪيوسون، وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَائِيَ الَّذِينَ كُنْتُمْ تَزْعُمُونَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ، مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن، جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟

Choose other languages: