Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #17 Translated in Sindhi

فَرَدَدْنَاهُ إِلَىٰ أُمِّهِ كَيْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ أَنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ کيس سندس ماءُ ڏانھن وري پھچايوسون تہ سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نہ ٿئي ۽ (ھيءُ بہ) ڄاڻي تہ بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
وَلَمَّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاسْتَوَىٰ آتَيْنَاهُ حُكْمًا وَعِلْمًا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
۽ جنھن مھل پنھنجي جوانيءَ کي پھتو ۽ پختو ٿيو (تنھن مھل) کيس دانائي ۽ عِلم ڏنوسون، ۽ اھڙيءَ طرح ڀلارن کي (چڱو) بدلو ڏيندا آھيون
وَدَخَلَ الْمَدِينَةَ عَلَىٰ حِينِ غَفْلَةٍ مِنْ أَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيهَا رَجُلَيْنِ يَقْتَتِلَانِ هَٰذَا مِنْ شِيعَتِهِ وَهَٰذَا مِنْ عَدُوِّهِ ۖ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِي مِنْ شِيعَتِهِ عَلَى الَّذِي مِنْ عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ مُوسَىٰ فَقَضَىٰ عَلَيْهِ ۖ قَالَ هَٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ ۖ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبِينٌ
۽ (موسىٰ) شھر ۾ اُتي جي رھاڪن جي غفلت جي وقت ۾ گھڙيو، پوءِ اتي ٻہ مڙس پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺائين، ھي (ھڪڙو) سندس قوم مان ھو ۽ ھي (ٻيو) سندس ويريءَ (فرعون جي قوم) مان ھو، پوءِ جيڪو سندس قوم مان ھو، تنھن اُنھيءَ تي ھمراھي گھري جيڪو سندس ويريءَ (جي قوم) مان ھو، پوءِ موسىٰ ان کي مُڪ ھنئي ۽ اُن کي پورو ڪيائين، چيائين تہ ھيءُ شيطان جي ڪم مان آھي، بيشڪ اُھو پڌرو گمراھ ڪندڙ ويري آھي
قَالَ رَبِّ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي فَاغْفِرْ لِي فَغَفَرَ لَهُ ۚ إِنَّهُ هُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ
چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو، تنھنڪري مون کي بخش، پوءِ کيس بخشيائين، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
قَالَ رَبِّ بِمَا أَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ أَكُونَ ظَهِيرًا لِلْمُجْرِمِينَ
چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! جيڪو مون تي فضل ڪيو اٿئي تنھن سببان ڏوھارين جو مددگار ڪڏھن نہ ٿيندس

Choose other languages: