Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qalam Ayahs #11 Translated in Sindhi

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِينَ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي اُنھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو ۽ اُھو (ئي) سنئينءَ واٽ ويندڙن کي بہ تمام چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
فَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِينَ
تنھنڪري (تون) ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نہ مڃ
وَدُّوا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُونَ
(اِھي) گھرندا آھن تہ جيڪڏھن (تون ساڻن ڪنھن طرح) نرمي ڪرين تہ اُھي بہ (توسان) نرمي ڪن
وَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَهِينٍ
۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار (ذليل) جو چيو نہ مڃ
هَمَّازٍ مَشَّاءٍ بِنَمِيمٍ
(جو) طعنا ھڻندڙ، چغلي کڻي ھڻندڙ

Choose other languages: