Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Munafiqoon Ayahs #7 Translated in Sindhi

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ آمَنُوا ثُمَّ كَفَرُوا فَطُبِعَ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُونَ
اِھو ھن ڪري آھي جو انھن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون، پوءِ اُنھن جي دلين تي مُھر ھنئي وئي، تنھنڪري اُھي نہ سمجھندا آھن
وَإِذَا رَأَيْتَهُمْ تُعْجِبُكَ أَجْسَامُهُمْ ۖ وَإِنْ يَقُولُوا تَسْمَعْ لِقَوْلِهِمْ ۖ كَأَنَّهُمْ خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ ۖ يَحْسَبُونَ كُلَّ صَيْحَةٍ عَلَيْهِمْ ۚ هُمُ الْعَدُوُّ فَاحْذَرْهُمْ ۚ قَاتَلَهُمُ اللَّهُ ۖ أَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
۽ (اي پيغمبر! تون) جڏھن کين ڏسندو آھين (تڏھن) سندن جُسا تو کي وڻندا آھن ۽ جيڪڏھن ڳالھائيندا آھن تہ اُنھن جي ڳالھ (ڪَن ڏيئي) ٻڌندو آھين، (حقيقت ڪري) اُھي ڄڻڪ ڀت سان اُڀيون ڪاٺيون رکيل آھن، سڀڪنھن ھڪل کي پاڻ تي (خطرو) ڀائيندا آھن، اُھي ويري آھن، تنھنڪري کانئن بچندو رھ، الله کين ھلاڪ ڪري! ڪيڏانھن ڦيرائبا آھن؟
وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْا يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُولُ اللَّهِ لَوَّوْا رُءُوسَهُمْ وَرَأَيْتَهُمْ يَصُدُّونَ وَهُمْ مُسْتَكْبِرُونَ
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ، اچو تہ الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري، تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ اُنھن کي ڏسندو آھين تہ وڏائي ڪندڙ ٿي رڪجي ويندا آھن
سَوَاءٌ عَلَيْهِمْ أَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ أَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ لَنْ يَغْفِرَ اللَّهُ لَهُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
(تون) اُنھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نہ گھرين تہ انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نہ بخشيندو ڇو تہ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
هُمُ الَّذِينَ يَقُولُونَ لَا تُنْفِقُوا عَلَىٰ مَنْ عِنْدَ رَسُولِ اللَّهِ حَتَّىٰ يَنْفَضُّوا ۗ وَلِلَّهِ خَزَائِنُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَفْقَهُونَ
اِھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن تہ جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن، تن تي خرچ نہ ڪريو، تان جو (کيس) ڇڏي وڃن ۽ (ھي نہ ڄاڻندا آھن تہ) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن، پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نہ سمجھندا آھن

Choose other languages: