Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Munafiqoon Ayahs #9 Translated in Sindhi

وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْا يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُولُ اللَّهِ لَوَّوْا رُءُوسَهُمْ وَرَأَيْتَهُمْ يَصُدُّونَ وَهُمْ مُسْتَكْبِرُونَ
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ، اچو تہ الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري، تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ اُنھن کي ڏسندو آھين تہ وڏائي ڪندڙ ٿي رڪجي ويندا آھن
سَوَاءٌ عَلَيْهِمْ أَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ أَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ لَنْ يَغْفِرَ اللَّهُ لَهُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
(تون) اُنھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نہ گھرين تہ انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نہ بخشيندو ڇو تہ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
هُمُ الَّذِينَ يَقُولُونَ لَا تُنْفِقُوا عَلَىٰ مَنْ عِنْدَ رَسُولِ اللَّهِ حَتَّىٰ يَنْفَضُّوا ۗ وَلِلَّهِ خَزَائِنُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَفْقَهُونَ
اِھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن تہ جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن، تن تي خرچ نہ ڪريو، تان جو (کيس) ڇڏي وڃن ۽ (ھي نہ ڄاڻندا آھن تہ) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن، پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نہ سمجھندا آھن
يَقُولُونَ لَئِنْ رَجَعْنَا إِلَى الْمَدِينَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْأَعَزُّ مِنْهَا الْأَذَلَّ ۚ وَلِلَّهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُولِهِ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَعْلَمُونَ
چوندا آھن تہ، جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پھتاسون تہ وڌيڪ حيثيت وارو تمام ھيڻي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عزت (رڳو) الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اِھا ڳالھ) منافق نہ ڄاڻندا آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُلْهِكُمْ أَمْوَالُكُمْ وَلَا أَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ ۚ وَمَنْ يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْخَاسِرُونَ
اي ايمان وارؤ! اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان غافل ڪري ۽ جيڪي ايئن ڪندا سي ئي خساري وارا آھن

Choose other languages: