Surah Al-Munafiqoon Ayahs #11 Translated in Sindhi
يَقُولُونَ لَئِنْ رَجَعْنَا إِلَى الْمَدِينَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْأَعَزُّ مِنْهَا الْأَذَلَّ ۚ وَلِلَّهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُولِهِ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَعْلَمُونَ
چوندا آھن تہ، جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پھتاسون تہ وڌيڪ حيثيت وارو تمام ھيڻي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عزت (رڳو) الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اِھا ڳالھ) منافق نہ ڄاڻندا آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُلْهِكُمْ أَمْوَالُكُمْ وَلَا أَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ ۚ وَمَنْ يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْخَاسِرُونَ
اي ايمان وارؤ! اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان غافل ڪري ۽ جيڪي ايئن ڪندا سي ئي خساري وارا آھن
وَأَنْفِقُوا مِنْ مَا رَزَقْنَاكُمْ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَأْتِيَ أَحَدَكُمُ الْمَوْتُ فَيَقُولَ رَبِّ لَوْلَا أَخَّرْتَنِي إِلَىٰ أَجَلٍ قَرِيبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُنْ مِنَ الصَّالِحِينَ
۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿئون، تنھن منجھان اُنھيءَ کان اڳ خرچ ڪريو، جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪر مون کي ھڪ ويجھيءَ مدت تائين مُھلت ڏين ھا تہ خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا!
وَلَنْ يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفْسًا إِذَا جَاءَ أَجَلُهَا ۚ وَاللَّهُ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
۽ جڏھن ڪنھن نفس جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نہ ڏيندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
