Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #101 Translated in Sindhi

جَعَلَ اللَّهُ الْكَعْبَةَ الْبَيْتَ الْحَرَامَ قِيَامًا لِلنَّاسِ وَالشَّهْرَ الْحَرَامَ وَالْهَدْيَ وَالْقَلَائِدَ ۚ ذَٰلِكَ لِتَعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
الله تعظيم واري گھر ڪعبي ۽ تعظيم واري مھيني ۽ (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قربانيءَ ۽ ڪنڍلي ٻڌل جانورن کي ماڻھن لاءِ بقاءَ جو سبب ڪيو، اِھو (ھن لاءِ) تہ اوھين ڄاڻو تہ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
اعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
ڄاڻو تہ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي ۽ (ھي بہ تہ) الله بخشڻھار مھربان آھي
مَا عَلَى الرَّسُولِ إِلَّا الْبَلَاغُ ۗ وَاللَّهُ يَعْلَمُ مَا تُبْدُونَ وَمَا تَكْتُمُونَ
پيغمبر تي رڳو پيغام پھچائڻ آھي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو (سو سڀ) الله ڄاڻندو آھي
قُلْ لَا يَسْتَوِي الْخَبِيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَوْ أَعْجَبَكَ كَثْرَةُ الْخَبِيثِ ۚ فَاتَّقُوا اللَّهَ يَا أُولِي الْأَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ پليت ۽ پاڪ برابر نہ آھن جيتوڻيڪ پليت جي گھڻائي تو کي زيادہ وڻي، پوءِ اي عقل وارؤ! الله کان ڊڄو تہ منَ اوھين ڇٽو
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَسْأَلُوا عَنْ أَشْيَاءَ إِنْ تُبْدَ لَكُمْ تَسُؤْكُمْ وَإِنْ تَسْأَلُوا عَنْهَا حِينَ يُنَزَّلُ الْقُرْآنُ تُبْدَ لَكُمْ عَفَا اللَّهُ عَنْهَا ۗ وَاللَّهُ غَفُورٌ حَلِيمٌ
اي ايمان وارؤ! انھن شين بابت سوال نہ ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي تہ اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو تہ اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي

Choose other languages: