Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #7 Translated in Sindhi

5:3
حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَحْمُ الْخِنْزِيرِ وَمَا أُهِلَّ لِغَيْرِ اللَّهِ بِهِ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيحَةُ وَمَا أَكَلَ السَّبُعُ إِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ وَمَا ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَنْ تَسْتَقْسِمُوا بِالْأَزْلَامِ ۚ ذَٰلِكُمْ فِسْقٌ ۗ الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ دِينِكُمْ فَلَا تَخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۚ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الْإِسْلَامَ دِينًا ۚ فَمَنِ اضْطُرَّ فِي مَخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِإِثْمٍ ۙ فَإِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
اوھان تي حرام ڪجي ٿو مُئل جانور ۽ (سير جو) رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شئي کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وَڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪجي ٿو) ۽ جيڪو (جانور ڪنھن) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو بہ) پر جنھن کي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نہ آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪجي ٿو) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (بہ)، اِھي (مڙئي) گناھ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نااُميد ٿيا تنھنڪري کانئن نہ ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم پوءِ جيڪو گناھ ڏانھن نہ لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي ( ۽ مٿين حرام شين مان ڪجھ کائي تہ روا آھي)، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
5:4
يَسْأَلُونَكَ مَاذَا أُحِلَّ لَهُمْ ۖ قُلْ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِنَ الْجَوَارِحِ مُكَلِّبِينَ تُعَلِّمُونَهُنَّ مِمَّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ ۖ فَكُلُوا مِمَّا أَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْمَ اللَّهِ عَلَيْهِ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
(اي پيغمبر!) تو کان پڇن تہ اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چئو تہ اوھان لاءِ (سڀ) سُٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار بہ حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي تہ جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بسم الله الله اڪبر) چئو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله ستت حساب وٺندڙ آھي
5:5
الْيَوْمَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ ۖ وَطَعَامُ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ حِلٌّ لَكُمْ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَهُمْ ۖ وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ الْمُؤْمِنَاتِ وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِكُمْ إِذَا آتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ مُحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَافِحِينَ وَلَا مُتَّخِذِي أَخْدَانٍ ۗ وَمَنْ يَكْفُرْ بِالْإِيمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِي الْآخِرَةِ مِنَ الْخَاسِرِينَ
اڄ اوھان لاءِ سُٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (بہ) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام اُنھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪ دامنيون مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪ دامنيون جڏھن پرڻو ڪندڙ، نہ زنا ڪندڙ ۽ نہ ڳجھي آشنائي رکندڙ، ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (تہ حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھن جو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ خساري وارن مان آھي
5:6
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا قُمْتُمْ إِلَى الصَّلَاةِ فَاغْسِلُوا وُجُوهَكُمْ وَأَيْدِيَكُمْ إِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوا بِرُءُوسِكُمْ وَأَرْجُلَكُمْ إِلَى الْكَعْبَيْنِ ۚ وَإِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوا ۚ وَإِنْ كُنْتُمْ مَرْضَىٰ أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ أَوْ جَاءَ أَحَدٌ مِنْكُمْ مِنَ الْغَائِطِ أَوْ لَامَسْتُمُ النِّسَاءَ فَلَمْ تَجِدُوا مَاءً فَتَيَمَّمُوا صَعِيدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوا بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُمْ مِنْهُ ۚ مَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِنْ حَرَجٍ وَلَٰكِنْ يُرِيدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنُبي (يعني مٿي ميرا) ھجو تہ پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانہ مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نہ لھو تہ پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نہ گھرندو آھي پر گھُرندو آھي تہ اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري منَ اوھين شڪرانو ڪريو
5:7
وَاذْكُرُوا نِعْمَةَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَمِيثَاقَهُ الَّذِي وَاثَقَكُمْ بِهِ إِذْ قُلْتُمْ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو انجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (بہ ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو تہ ٻڌوسون ۽ مڃيوسون (تڏھن وري نہ ڦرو)، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: