Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #38 Translated in Sindhi

إِلَّا الَّذِينَ تَابُوا مِنْ قَبْلِ أَنْ تَقْدِرُوا عَلَيْهِمْ ۖ فَاعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
پر جن اوھان جي قابو پوڻ کان اڳ توبھ ڪئي، پوءِ ڄاڻو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابْتَغُوا إِلَيْهِ الْوَسِيلَةَ وَجَاهِدُوا فِي سَبِيلِهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسيلو ڳوليو (يعني نيڪ عملن جي وسيلي سان الله تعالىٰ ڏي ويجھا ٿيو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪوشش ڪريو منَ اوھين ڪامياب ٿيو
إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوْ أَنَّ لَهُمْ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا وَمِثْلَهُ مَعَهُ لِيَفْتَدُوا بِهِ مِنْ عَذَابِ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَا تُقُبِّلَ مِنْهُمْ ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن ھجي ۽ اُن جيترو ٻيو بہ گڏ (ھجين) اُھو قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان (بچاءَ) لاءِ عوض ڏين تہ کانئن قبول نہ ڪبو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
يُرِيدُونَ أَنْ يَخْرُجُوا مِنَ النَّارِ وَمَا هُمْ بِخَارِجِينَ مِنْهَا ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ مُقِيمٌ
باھ مان نڪرڻ گھرندا ۽ (حقيقت ڪري) منجھانئس اُھي نڪرڻ وارا نہ آھن، ۽ اُنھن لاءِ سدائين جو عذاب آھي
وَالسَّارِقُ وَالسَّارِقَةُ فَاقْطَعُوا أَيْدِيَهُمَا جَزَاءً بِمَا كَسَبَا نَكَالًا مِنَ اللَّهِ ۗ وَاللَّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
چورُ (مرد) ۽ چورِ (عورت) اُنھن جا ھٿ سندن ڪئي سببان سزا لاءِ وڍيو الله (جي پار) کان اُھو عذاب آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي

Choose other languages: