Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #81 Translated in Sindhi

فَانْطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا أَتَيَا أَهْلَ قَرْيَةٍ اسْتَطْعَمَا أَهْلَهَا فَأَبَوْا أَنْ يُضَيِّفُوهُمَا فَوَجَدَا فِيهَا جِدَارًا يُرِيدُ أَنْ يَنْقَضَّ فَأَقَامَهُ ۖ قَالَ لَوْ شِئْتَ لَاتَّخَذْتَ عَلَيْهِ أَجْرًا
پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) اُن جي رھاڪن کان کاڌو گھريائون تہ (اُنھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضر ڊاھي ٻيھر) اَوساري (موسىٰ) چيو تہ جيڪڏھن گھرين ھا تہ اُن (جي اوسارڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا!
قَالَ هَٰذَا فِرَاقُ بَيْنِي وَبَيْنِكَ ۚ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأْوِيلِ مَا لَمْ تَسْتَطِعْ عَلَيْهِ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پيئي، ھاڻي تو کي اُنھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نہ ڪري سگھين
أَمَّا السَّفِينَةُ فَكَانَتْ لِمَسَاكِينَ يَعْمَلُونَ فِي الْبَحْرِ فَأَرَدْتُ أَنْ أَعِيبَهَا وَكَانَ وَرَاءَهُمْ مَلِكٌ يَأْخُذُ كُلَّ سَفِينَةٍ غَصْبًا
پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھئا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي
وَأَمَّا الْغُلَامُ فَكَانَ أَبَوَاهُ مُؤْمِنَيْنِ فَخَشِينَا أَنْ يُرْهِقَهُمَا طُغْيَانًا وَكُفْرًا
۽ نينگر (جو، ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھئا تنھنڪري ڊناسون تہ نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھين کي عاجز ڪندو
فَأَرَدْنَا أَنْ يُبْدِلَهُمَا رَبُّهُمَا خَيْرًا مِنْهُ زَكَاةً وَأَقْرَبَ رُحْمًا
پوءِ گھُريوسون تہ سندن پالڻھار کين اُن جي بدلي اُن کان بہ پاڪبازيءَ جي ڪري وڌيڪ ڀلو ۽ ٻاجھ جي ڪري وڌيڪ ويجھو (اولاد) ڏئي

Choose other languages: