Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #21 Translated in Sindhi

وَآتَيْنَاهُمْ بَيِّنَاتٍ مِنَ الْأَمْرِ ۖ فَمَا اخْتَلَفُوا إِلَّا مِنْ بَعْدِ مَا جَاءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًا بَيْنَهُمْ ۚ إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نہ ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي، تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ھاٺ سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھئا، تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو
ثُمَّ جَعَلْنَاكَ عَلَىٰ شَرِيعَةٍ مِنَ الْأَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَاءَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ
وري (اي پيغمبر!) تو کي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون، تنھنڪري (تون) اُن (دين) جي تابعداري ڪر، ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھن، تن جي سَڌن پٺيان نہ لڳ
إِنَّهُمْ لَنْ يُغْنُوا عَنْكَ مِنَ اللَّهِ شَيْئًا ۚ وَإِنَّ الظَّالِمِينَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَاءُ بَعْضٍ ۖ وَاللَّهُ وَلِيُّ الْمُتَّقِينَ
ڇو تہ اھي الله جي آڏو توکان ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي
هَٰذَا بَصَائِرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِقَوْمٍ يُوقِنُونَ
ھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن ۽ جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
أَمْ حَسِبَ الَّذِينَ اجْتَرَحُوا السَّيِّئَاتِ أَنْ نَجْعَلَهُمْ كَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ سَوَاءً مَحْيَاهُمْ وَمَمَاتُهُمْ ۚ سَاءَ مَا يَحْكُمُونَ
جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا تہ کين انھن وانگر ڪنداسون، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ تہ سندن جيئڻ ۽ سندن مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن، سو بڇڙو آھي

Choose other languages: