Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hujraat Ayahs #4 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُقَدِّمُوا بَيْنَ يَدَيِ اللَّهِ وَرَسُولِهِ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
اي ايمان وارؤ! (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر جي آڏو (ڪنھن ڳالھ ۾) اڳرائي نہ ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَرْفَعُوا أَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَجْهَرُوا لَهُ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ أَنْ تَحْبَطَ أَعْمَالُكُمْ وَأَنْتُمْ لَا تَشْعُرُونَ
اي ايمان وارؤ! پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نہ ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تيئن) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نہ ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نہ ڄاڻندا ھجو
إِنَّ الَّذِينَ يَغُضُّونَ أَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُولِ اللَّهِ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ امْتَحَنَ اللَّهُ قُلُوبَهُمْ لِلتَّقْوَىٰ ۚ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ عَظِيمٌ
بيشڪ جيڪي پنھنجن آوازن کي الله جي پيغمبر جي آڏو جھڪو ڪندا آھن، اِھي اُھي آھن جن جي دلين کي الله پرھيزگاريءَ (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آھي، انھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
إِنَّ الَّذِينَ يُنَادُونَكَ مِنْ وَرَاءِ الْحُجُرَاتِ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ
بيشڪ جيڪي حُجرن جي ٻاھران تو کي سڏيندا آھن، تن مان گھڻا بي سمجھ آھن

Choose other languages: