Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hashr Ayahs #11 Translated in Sindhi

مَا أَفَاءَ اللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ مِنْ أَهْلِ الْقُرَىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ وَلِذِي الْقُرْبَىٰ وَالْيَتَامَىٰ وَالْمَسَاكِينِ وَابْنِ السَّبِيلِ كَيْ لَا يَكُونَ دُولَةً بَيْنَ الْأَغْنِيَاءِ مِنْكُمْ ۚ وَمَا آتَاكُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوا ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۖ إِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ ۽ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ بيان ڪيو ويو) تہ اُھو (مال رڳو) اوھان مان دنيادارن جي درميان ڏيڻ وٺڻ ۾ نہ رھي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي
لِلْفُقَرَاءِ الْمُهَاجِرِينَ الَّذِينَ أُخْرِجُوا مِنْ دِيَارِهِمْ وَأَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضْوَانًا وَيَنْصُرُونَ اللَّهَ وَرَسُولَهُ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الصَّادِقُونَ
(۽ اُھو مٿي ڄاڻايل فيءَ جو مال) اُنھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (بہ) آھي، جن کي سندن گھرن ۽ سندن مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ (سندس) رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اِھي ئي سچا آھن
وَالَّذِينَ تَبَوَّءُوا الدَّارَ وَالْإِيمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُحِبُّونَ مَنْ هَاجَرَ إِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُونَ فِي صُدُورِهِمْ حَاجَةً مِمَّا أُوتُوا وَيُؤْثِرُونَ عَلَىٰ أَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ۚ وَمَنْ يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
۽ (اُنھن لاءِ بہ آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مھاجرن کان اڳ گھر بڻايو، جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو، تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نہ لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ تي ترجيح ڏيندا آھن، توڻيڪ کين ڪو احتياج بہ ھوندو آھي ۽ جن کي سندن نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن
وَالَّذِينَ جَاءُوا مِنْ بَعْدِهِمْ يَقُولُونَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِإِخْوَانِنَا الَّذِينَ سَبَقُونَا بِالْإِيمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِي قُلُوبِنَا غِلًّا لِلَّذِينَ آمَنُوا رَبَّنَا إِنَّكَ رَءُوفٌ رَحِيمٌ
۽ (اِھو مال اُنھن لاءِ بہ آھي) جيڪي اِنھن (يعني مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا، چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي بخش ۽ اسان جي (اُنھن) ڀائرن کي (بہ) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن بنسبت اسان جي دلين ۾ ڪو کوٽ نہ وجھ، اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين
أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ نَافَقُوا يَقُولُونَ لِإِخْوَانِهِمُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ أَهْلِ الْكِتَابِ لَئِنْ أُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيعُ فِيكُمْ أَحَدًا أَبَدًا وَإِنْ قُوتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ وَاللَّهُ يَشْهَدُ إِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ
اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن اُنھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن، تہ (قسم آھي تہ) جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويو تہ (اسين بہ) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن بہ ڪنھن جو چيو نہ مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي تہ اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي تہ اِھي پڪ ڪوڙا آھن

Choose other languages: