Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #49 Translated in Sindhi

أَلَمْ تَرَ إِلَىٰ رَبِّكَ كَيْفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَوْ شَاءَ لَجَعَلَهُ سَاكِنًا ثُمَّ جَعَلْنَا الشَّمْسَ عَلَيْهِ دَلِيلًا
(اي پيغمبر!) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ ۽ جيڪڏھن گھري ھا تہ اُن کي (ھڪ ھنڌ) بيھاري ڇڏي ھا! وري سج کي مٿس (پنھنجيءَ قدرت جو) دليل ڪيوسون
ثُمَّ قَبَضْنَاهُ إِلَيْنَا قَبْضًا يَسِيرًا
وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جيئن) سوڙھو ڪرڻ (گھرجي)
وَهُوَ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ لِبَاسًا وَالنَّوْمَ سُبَاتًا وَجَعَلَ النَّهَارَ نُشُورًا
۽ (الله) اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي ٽڙڻ پکڙڻ جو وقت ڪيائين
وَهُوَ الَّذِي أَرْسَلَ الرِّيَاحَ بُشْرًا بَيْنَ يَدَيْ رَحْمَتِهِ ۚ وَأَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاءِ مَاءً طَهُورًا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجيءَ ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون
لِنُحْيِيَ بِهِ بَلْدَةً مَيْتًا وَنُسْقِيَهُ مِمَّا خَلَقْنَا أَنْعَامًا وَأَنَاسِيَّ كَثِيرًا
تہ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ تہ پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون

Choose other languages: