Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #16 Translated in Sindhi

بَلْ ظَنَنْتُمْ أَنْ لَنْ يَنْقَلِبَ الرَّسُولُ وَالْمُؤْمِنُونَ إِلَىٰ أَهْلِيهِمْ أَبَدًا وَزُيِّنَ ذَٰلِكَ فِي قُلُوبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ وَكُنْتُمْ قَوْمًا بُورًا
(نہ) بلڪ ڀانيوَ تہ پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھروارن ڏانھن اصلي ڪڏھن نہ موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ
وَمَنْ لَمْ يُؤْمِنْ بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ فَإِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَعِيرًا
۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نہ آندو تہ بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي
وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ يَغْفِرُ لِمَنْ يَشَاءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَشَاءُ ۚ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَحِيمًا
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
سَيَقُولُ الْمُخَلَّفُونَ إِذَا انْطَلَقْتُمْ إِلَىٰ مَغَانِمَ لِتَأْخُذُوهَا ذَرُونَا نَتَّبِعْكُمْ ۖ يُرِيدُونَ أَنْ يُبَدِّلُوا كَلَامَ اللَّهِ ۚ قُلْ لَنْ تَتَّبِعُونَا كَذَٰلِكُمْ قَالَ اللَّهُ مِنْ قَبْلُ ۖ فَسَيَقُولُونَ بَلْ تَحْسُدُونَنَا ۚ بَلْ كَانُوا لَا يَفْقَهُونَ إِلَّا قَلِيلًا
جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ، تڏھن پوئتي رھيل چوندا تہ اسان کي ڇڏيو تہ اوھان سان ھلون، گھرندا آھن تہ الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، کين چئو تہ اسان سان ڪڏھن نہ ھلندؤ، اھڙيءَ طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا تہ (ايئن نہ آھي) بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشہ) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ بہ) نہ سمجھندا ھئا
قُلْ لِلْمُخَلَّفِينَ مِنَ الْأَعْرَابِ سَتُدْعَوْنَ إِلَىٰ قَوْمٍ أُولِي بَأْسٍ شَدِيدٍ تُقَاتِلُونَهُمْ أَوْ يُسْلِمُونَ ۖ فَإِنْ تُطِيعُوا يُؤْتِكُمُ اللَّهُ أَجْرًا حَسَنًا ۖ وَإِنْ تَتَوَلَّوْا كَمَا تَوَلَّيْتُمْ مِنْ قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
(اي پيغمبر!) پوئتي رھيلن بدوين کي چئو تہ، سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا تہ (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ تہ الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ايئن) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو تہ (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو

Choose other languages: