Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #76 Translated in Sindhi

فَأَنْجَيْنَاهُ وَالَّذِينَ مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِنَّا وَقَطَعْنَا دَابِرَ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا ۖ وَمَا كَانُوا مُؤْمِنِينَ
پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون، ۽ اُھي مؤمن نہ ھئا
وَإِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَالِحًا ۗ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ قَدْ جَاءَتْكُمْ بَيِّنَةٌ مِنْ رَبِّكُمْ ۖ هَٰذِهِ نَاقَةُ اللَّهِ لَكُمْ آيَةً ۖ فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِي أَرْضِ اللَّهِ ۖ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نہ آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (تہ) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نہ پُھچائجو نہ تہ اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو
وَاذْكُرُوا إِذْ جَعَلَكُمْ خُلَفَاءَ مِنْ بَعْدِ عَادٍ وَبَوَّأَكُمْ فِي الْأَرْضِ تَتَّخِذُونَ مِنْ سُهُولِهَا قُصُورًا وَتَنْحِتُونَ الْجِبَالَ بُيُوتًا ۖ فَاذْكُرُوا آلَاءَ اللَّهِ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان بہ) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پَٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نہ وجھو
قَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا مِنْ قَوْمِهِ لِلَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا لِمَنْ آمَنَ مِنْهُمْ أَتَعْلَمُونَ أَنَّ صَالِحًا مُرْسَلٌ مِنْ رَبِّهِ ۚ قَالُوا إِنَّا بِمَا أُرْسِلَ بِهِ مُؤْمِنُونَ
سندس قوم مان وڏائي ڪندڙن سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو تہ اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا تہ صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي؟ اُنھن چيو تہ جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون
قَالَ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا إِنَّا بِالَّذِي آمَنْتُمْ بِهِ كَافِرُونَ
وڏائي ڪندڙن چيو تہ جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون

Choose other languages: