Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #48 Translated in Sindhi

وَنَادَىٰ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ أَصْحَابَ النَّارِ أَنْ قَدْ وَجَدْنَا مَا وَعَدَنَا رَبُّنَا حَقًّا فَهَلْ وَجَدْتُمْ مَا وَعَدَ رَبُّكُمْ حَقًّا ۖ قَالُوا نَعَمْ ۚ فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَيْنَهُمْ أَنْ لَعْنَةُ اللَّهِ عَلَى الظَّالِمِينَ
۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) تہ اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪو انجام ڪيو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو نہ لڌوَ ڇا؟ چوندا تہ ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو تہ اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي
الَّذِينَ يَصُدُّونَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا وَهُمْ بِالْآخِرَةِ كَافِرُونَ
جيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ اُن جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نہ مڃيندڙ ھئا
وَبَيْنَهُمَا حِجَابٌ ۚ وَعَلَى الْأَعْرَافِ رِجَالٌ يَعْرِفُونَ كُلًّا بِسِيمَاهُمْ ۚ وَنَادَوْا أَصْحَابَ الْجَنَّةِ أَنْ سَلَامٌ عَلَيْكُمْ ۚ لَمْ يَدْخُلُوهَا وَهُمْ يَطْمَعُونَ
۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي السلام عليڪم چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نہ گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا
وَإِذَا صُرِفَتْ أَبْصَارُهُمْ تِلْقَاءَ أَصْحَابِ النَّارِ قَالُوا رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا مَعَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (تڏھن) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نہ ڪر
وَنَادَىٰ أَصْحَابُ الْأَعْرَافِ رِجَالًا يَعْرِفُونَهُمْ بِسِيمَاهُمْ قَالُوا مَا أَغْنَىٰ عَنْكُمْ جَمْعُكُمْ وَمَا كُنْتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ
۽ اَعراف وارا جن ماڻھن کي سندن پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا تہ اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ بہ نہ ٽاريو

Choose other languages: