Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #23 Translated in Sindhi

وَيَا آدَمُ اسْكُنْ أَنْتَ وَزَوْجُكَ الْجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِئْتُمَا وَلَا تَقْرَبَا هَٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُونَا مِنَ الظَّالِمِينَ
۽ (چيوسون تہ) اي آدم! تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھِن وڻ کي ويجھا نہ وڃجو نہ تہ ظالمن مان ٿيندؤ
فَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطَانُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وُورِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْآتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهَاكُمَا رَبُّكُمَا عَنْ هَٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلَّا أَنْ تَكُونَا مَلَكَيْنِ أَوْ تَكُونَا مِنَ الْخَالِدِينَ
پوءِ شيطان اُنھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو تہ سندن اُگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ ظاھر ڪري ۽ چيائين تہ اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان ھن ڌاران نہ جھليو آھي تہ متان اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو
وَقَاسَمَهُمَا إِنِّي لَكُمَا لَمِنَ النَّاصِحِينَ
۽ ساک کڻي اُنھن کي چيائين تہ آءٌ (تہ) اوھان جو خيرخواھ آھيان
فَدَلَّاهُمَا بِغُرُورٍ ۚ فَلَمَّا ذَاقَا الشَّجَرَةَ بَدَتْ لَهُمَا سَوْآتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِنْ وَرَقِ الْجَنَّةِ ۖ وَنَادَاهُمَا رَبُّهُمَا أَلَمْ أَنْهَكُمَا عَنْ تِلْكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُلْ لَكُمَا إِنَّ الشَّيْطَانَ لَكُمَا عَدُوٌّ مُبِينٌ
پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (تنھن مھل) سندين اُگھڙ کين ظاھر ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن (ھڪ ٻئي سان ڳنڍي) پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار اُنھن کي سڏيو ( ۽ چيائين تہ) اوھان کي ھن وڻ کان نہ جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا تہ شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟
قَالَا رَبَّنَا ظَلَمْنَا أَنْفُسَنَا وَإِنْ لَمْ تَغْفِرْ لَنَا وَتَرْحَمْنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ الْخَاسِرِينَ
چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نہ بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نہ ڪندين تہ ضرور خساري وارن مان ٿينداسون

Choose other languages: