Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #179 Translated in Sindhi

وَاتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ الَّذِي آتَيْنَاهُ آيَاتِنَا فَانْسَلَخَ مِنْهَا فَأَتْبَعَهُ الشَّيْطَانُ فَكَانَ مِنَ الْغَاوِينَ
۽ (اي پيغمبر!) تون اُن (ماڻھو) جو قصو کين پڙھي ٻڌاءِ جنھن کي پنھنجن آيتن جو علم ڏنو ھيوسون (اُھو) اُنھن (آيتن جي علم) مان (پاڻ پٽائي) نڪتو پوءِ شيطان سندس پُٺيان لڳو پوءِ (اُھو) گمراھن مان ٿيو
وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنَاهُ بِهَا وَلَٰكِنَّهُ أَخْلَدَ إِلَى الْأَرْضِ وَاتَّبَعَ هَوَاهُ ۚ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الْكَلْبِ إِنْ تَحْمِلْ عَلَيْهِ يَلْهَثْ أَوْ تَتْرُكْهُ يَلْهَثْ ۚ ذَٰلِكَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا ۚ فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
۽ جيڪڏھن اسين گھرون ھا تہ کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھو زمين (جي پستيءَ) ڏانھن جھڪي پيو ۽ پنھنجين سَڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين تہ سھڪي يا جي ڇڏي ڏينس تہ (بہ) سھڪي، اِھو اُنھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ تہ منَ اُھي سوچ ڪن
سَاءَ مَثَلًا الْقَوْمُ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَأَنْفُسَهُمْ كَانُوا يَظْلِمُونَ
جن ماڻھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جو حال بڇڙو آھي ۽ اُنھن پاڻ تي ئي ظلم ڪيو
مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِي ۖ وَمَنْ يُضْلِلْ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْخَاسِرُونَ
جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي گمراھ ڪيائين سي ئي نقصان وارا آھن
وَلَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِيرًا مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ ۖ لَهُمْ قُلُوبٌ لَا يَفْقَهُونَ بِهَا وَلَهُمْ أَعْيُنٌ لَا يُبْصِرُونَ بِهَا وَلَهُمْ آذَانٌ لَا يَسْمَعُونَ بِهَا ۚ أُولَٰئِكَ كَالْأَنْعَامِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الْغَافِلُونَ
۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻھن مان گھڻا پيدا ڪيا اٿون انھن جون (اھڙيون) دليون آھن جو انھن سان (الله جو حُڪم) نہ سمجھندا آھن، ۽ اُنھن جون (اھڙيون) اکيون آھن جو اُنھن سان (حقانيت) ڏسي نہ سگھندا آھن، ۽ اُنھن جا اھڙا ڪن آھن جو اُنھن سان (حق کي) ٻڌي نہ سگھندا آھن، اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ اُنھن کان بہ وڌيڪ گمراھ آھن اِھي ئي غافل آھن

Choose other languages: