Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #160 Translated in Sindhi

وَاكْتُبْ لَنَا فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِي الْآخِرَةِ إِنَّا هُدْنَا إِلَيْكَ ۚ قَالَ عَذَابِي أُصِيبُ بِهِ مَنْ أَشَاءُ ۖ وَرَحْمَتِي وَسِعَتْ كُلَّ شَيْءٍ ۚ فَسَأَكْتُبُهَا لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَالَّذِينَ هُمْ بِآيَاتِنَا يُؤْمِنُونَ
۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇو تہ اسين تو ڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو تہ آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شئي کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ اُنھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن
الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الرَّسُولَ النَّبِيَّ الْأُمِّيَّ الَّذِي يَجِدُونَهُ مَكْتُوبًا عِنْدَهُمْ فِي التَّوْرَاةِ وَالْإِنْجِيلِ يَأْمُرُهُمْ بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَاهُمْ عَنِ الْمُنْكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبَاتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ الْخَبَائِثَ وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَالْأَغْلَالَ الَّتِي كَانَتْ عَلَيْهِمْ ۚ فَالَّذِينَ آمَنُوا بِهِ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَاتَّبَعُوا النُّورَ الَّذِي أُنْزِلَ مَعَهُ ۙ أُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
(۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي اُنھيء نبي اُمي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ برن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن
قُلْ يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنِّي رَسُولُ اللَّهِ إِلَيْكُمْ جَمِيعًا الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْيِي وَيُمِيتُ ۖ فَآمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ النَّبِيِّ الْأُمِّيِّ الَّذِي يُؤْمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمَاتِهِ وَاتَّبِعُوهُ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي انسانو! آءٌ اوھان مڙني ڏانھن اُن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آھيان جنھن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاھي آھي، اُن الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نہ آھي اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس انھي پيغمبر اُمي نبي تي ايمان آڻيو جيڪو الله ۽ سندس حُڪمن کي مڃيندو آھي ۽ اُن جي تابعداري ڪريو تہ منَ اوھين سڌي واٽ لھو
وَمِنْ قَوْمِ مُوسَىٰ أُمَّةٌ يَهْدُونَ بِالْحَقِّ وَبِهِ يَعْدِلُونَ
۽ موسىٰ جي قوم مان ھڪ اھڙي ٽولي آھي جا (ماڻھن کي) سڌو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُھي ان سان اِنصاف تي ھلندا آھن
وَقَطَّعْنَاهُمُ اثْنَتَيْ عَشْرَةَ أَسْبَاطًا أُمَمًا ۚ وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ إِذِ اسْتَسْقَاهُ قَوْمُهُ أَنِ اضْرِبْ بِعَصَاكَ الْحَجَرَ ۖ فَانْبَجَسَتْ مِنْهُ اثْنَتَا عَشْرَةَ عَيْنًا ۖ قَدْ عَلِمَ كُلُّ أُنَاسٍ مَشْرَبَهُمْ ۚ وَظَلَّلْنَا عَلَيْهِمُ الْغَمَامَ وَأَنْزَلْنَا عَلَيْهِمُ الْمَنَّ وَالسَّلْوَىٰ ۖ كُلُوا مِنْ طَيِّبَاتِ مَا رَزَقْنَاكُمْ ۚ وَمَا ظَلَمُونَا وَلَٰكِنْ كَانُوا أَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
۽ بني اسرائيلن مان ٻارھن پاڙا ٽوليون ڪري جدا ڪياسون، ۽ جڏھن موسىٰ کان سندس قوم پاڻي گھريو تڏھن ڏانھس وحي موڪليوسون تہ پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ (ھنيائين تہ) اُن مان ٻارھن چشما ڦٽي وڙھا، بيشڪ سڀڪنھن ماڻھو پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاتي ٿي، ۽ اسان مٿن ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ مٿن مَن ۽ سلوىٰ لاٿاسون، ( ۽ چيوسون تہ) جيڪا اوھان جي سٺي روزي بڻائي اٿون تنھن مان کائو، ۽ اسان جو ڪُجھ نہ وڃايائون پر پاڻ کي نقصان ٿي لاتائون

Choose other languages: