Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #106 Translated in Sindhi

وَمَا وَجَدْنَا لِأَكْثَرِهِمْ مِنْ عَهْدٍ ۖ وَإِنْ وَجَدْنَا أَكْثَرَهُمْ لَفَاسِقِينَ
۽ منجھائن گھڻن کي انجام (تي پورو) نہ ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون
ثُمَّ بَعَثْنَا مِنْ بَعْدِهِمْ مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ فَظَلَمُوا بِهَا ۖ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِينَ
وري کانئن پوءِ موسىٰ کي فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن پنھنجن مُعجزن سان پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ اُنھن کي نہ مڃيائون، (اي پيغمبر!) ڏس تہ فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي
وَقَالَ مُوسَىٰ يَا فِرْعَوْنُ إِنِّي رَسُولٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
۽ موسىٰ (فرعون کي) چيو تہ اي فرعون آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان
حَقِيقٌ عَلَىٰ أَنْ لَا أَقُولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الْحَقَّ ۚ قَدْ جِئْتُكُمْ بِبَيِّنَةٍ مِنْ رَبِّكُمْ فَأَرْسِلْ مَعِيَ بَنِي إِسْرَائِيلَ
ھن (ڳالھ) تي قائم آھيان تہ الله تي سچ کانسواءِ ڪجھ بہ نہ چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چِٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي
قَالَ إِنْ كُنْتَ جِئْتَ بِآيَةٍ فَأْتِ بِهَا إِنْ كُنْتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
(فرعون) چيو تہ جيڪڏھن ڪو معجزو آندو اٿئي تہ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ اُھو آڻ

Choose other languages: