Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Anbiya Ayahs #10 Translated in Sindhi

مَا آمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِنْ قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَاهَا ۖ أَفَهُمْ يُؤْمِنُونَ
(ھائو!) ڪوبہ ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نہ آندو ھو، پوءِ ھي ايمان آڻيندا آھن ڇا؟
وَمَا أَرْسَلْنَا قَبْلَكَ إِلَّا رِجَالًا نُوحِي إِلَيْهِمْ ۖ فَاسْأَلُوا أَهْلَ الذِّكْرِ إِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳ رڳا مرد پيغمبر موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چ‍ؤ تہ) جيڪڏھن نہ ڄاڻندا آھيو تہ ڪتاب وارن کان پڇو
وَمَا جَعَلْنَاهُمْ جَسَدًا لَا يَأْكُلُونَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوا خَالِدِينَ
۽ اُنھن (پيغمبرن) جو اھڙو جُسو نہ بڻايوسون جو طعام نہ کائين ۽ نہ سدائين رھڻ وارا ھئا
ثُمَّ صَدَقْنَاهُمُ الْوَعْدَ فَأَنْجَيْنَاهُمْ وَمَنْ نَشَاءُ وَأَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِينَ
وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون
لَقَدْ أَنْزَلْنَا إِلَيْكُمْ كِتَابًا فِيهِ ذِكْرُكُمْ ۖ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟

Choose other languages: