Quran Apps in many lanuages:

Surah Yunus Ayahs #86 Translated in Sindhi

وَيُحِقُّ اللَّهُ الْحَقَّ بِكَلِمَاتِهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُونَ
دنيا ۾ ڪجھ آسودو گذران ھوندن وري اسان وٽ سندن موٽڻ آھي وري کين اِنھيءَ سببان سخت عذاب چکائينداسون جو ڪُفر ڪندا آھن
فَمَا آمَنَ لِمُوسَىٰ إِلَّا ذُرِّيَّةٌ مِنْ قَوْمِهِ عَلَىٰ خَوْفٍ مِنْ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِمْ أَنْ يَفْتِنَهُمْ ۚ وَإِنَّ فِرْعَوْنَ لَعَالٍ فِي الْأَرْضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الْمُسْرِفِينَ
۽ نوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين تہ اي منھنجي قوم! جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳري ٿي آھي تہ الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي رٿا ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھانجي رٿا اوھان کان ڳجھي نہ رھي تہ پوءِ مون سان (جو وڻيوَ سو) ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نہ ڏيو
وَقَالَ مُوسَىٰ يَا قَوْمِ إِنْ كُنْتُمْ آمَنْتُمْ بِاللَّهِ فَعَلَيْهِ تَوَكَّلُوا إِنْ كُنْتُمْ مُسْلِمِينَ
پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (تہ ڇا ٿيو؟) مون اوھان کان ڪو اُجورو نہ گھريو ھو، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نہ آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي تہ مسلمانن مان ھجان
فَقَالُوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلْنَا رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ ساڻس ھئا تن کي بچايوسون ۽ کين اُنھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس تہ جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي!
وَنَجِّنَا بِرَحْمَتِكَ مِنَ الْقَوْمِ الْكَافِرِينَ
وري اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نہ ھئا جو جنھن شئي کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙيءَ طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون

Choose other languages: