Quran Apps in many lanuages:

Surah Yunus Ayahs #54 Translated in Sindhi

قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ أَتَاكُمْ عَذَابُهُ بَيَاتًا أَوْ نَهَارًا مَاذَا يَسْتَعْجِلُ مِنْهُ الْمُجْرِمُونَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين گڏ ڪندو تنھن ڏينھن ڄڻڪ (دنيا ۾) ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) ترسيائي نہ ھئا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا، بيشڪ جن الله جي ديدار کي ڪوڙ ڀانيو تن نقصان پاتو ۽ ھدايت وارا نہ ھئا
أَثُمَّ إِذَا مَا وَقَعَ آمَنْتُمْ بِهِ ۚ آلْآنَ وَقَدْ كُنْتُمْ بِهِ تَسْتَعْجِلُونَ
۽ جيڪو انجام ساڻن ڪريون ٿا تنھن منجھان ڪجھ جيڪڏھن تو کي ڏيکاريون ٿا يا تو کي فوت ڪريون تہ (ھر حال ۾) سندن موٽڻ اسان ڏانھن آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي الله شاھد آھي
ثُمَّ قِيلَ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا ذُوقُوا عَذَابَ الْخُلْدِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا بِمَا كُنْتُمْ تَكْسِبُونَ
۽ سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ پيغمبر آھي، پوءِ جڏھن سندن پيغمبر آيو (تڏھن) سندن وچ ۾ اِنصاف سان نبيرو ڪيو ويو ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪيو ويو
وَيَسْتَنْبِئُونَكَ أَحَقٌّ هُوَ ۖ قُلْ إِي وَرَبِّي إِنَّهُ لَحَقٌّ ۖ وَمَا أَنْتُمْ بِمُعْجِزِينَ
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟
وَلَوْ أَنَّ لِكُلِّ نَفْسٍ ظَلَمَتْ مَا فِي الْأَرْضِ لَافْتَدَتْ بِهِ ۗ وَأَسَرُّوا النَّدَامَةَ لَمَّا رَأَوُا الْعَذَابَ ۖ وَقُضِيَ بَيْنَهُمْ بِالْقِسْطِ ۚ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
چئو تہ (آءٌ) الله جي مرضيءَ کانسواءِ پاڻ کي نہ ڪي ڏک ۽ نہ ڪي سُک پھچائي سگھان ٿو، سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ مُدت آھي، جڏھن سندين ٺھرايل مدت پُھچي ٿي تڏھن ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا

Choose other languages: