Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #54 Translated in Sindhi

فَلَا يَسْتَطِيعُونَ تَوْصِيَةً وَلَا إِلَىٰ أَهْلِهِمْ يَرْجِعُونَ
پوءِ (اُھي) نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا
وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَإِذَا هُمْ مِنَ الْأَجْدَاثِ إِلَىٰ رَبِّهِمْ يَنْسِلُونَ
۽ صُور ۾ ڦوڪبو، پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا
قَالُوا يَا وَيْلَنَا مَنْ بَعَثَنَا مِنْ مَرْقَدِنَا ۜ ۗ هَٰذَا مَا وَعَدَ الرَّحْمَٰنُ وَصَدَقَ الْمُرْسَلُونَ
چوندا تہ، اسان لاءِ ويل آھي! اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ (قبرن) مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو!) ھيءُ اُھو آھي، جيڪو ٻاجھاري (الله) انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو
إِنْ كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً فَإِذَا هُمْ جَمِيعٌ لَدَيْنَا مُحْضَرُونَ
(اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي، پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا
فَالْيَوْمَ لَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا وَلَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ بہ ظلم نہ ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ، رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو

Choose other languages: