Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #35 Translated in Sindhi

أَلَمْ يَرَوْا كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِنَ الْقُرُونِ أَنَّهُمْ إِلَيْهِمْ لَا يَرْجِعُونَ
نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ تہ، کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اِنھن ڏانھن موٽي نہ ٿا اچن
وَإِنْ كُلٌّ لَمَّا جَمِيعٌ لَدَيْنَا مُحْضَرُونَ
۽ جيڪي بہ آھن، سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا
وَآيَةٌ لَهُمُ الْأَرْضُ الْمَيْتَةُ أَحْيَيْنَاهَا وَأَخْرَجْنَا مِنْهَا حَبًّا فَمِنْهُ يَأْكُلُونَ
۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا) داڻا ڪڍياسون، جو اُن مان کائيندا آھن
وَجَعَلْنَا فِيهَا جَنَّاتٍ مِنْ نَخِيلٍ وَأَعْنَابٍ وَفَجَّرْنَا فِيهَا مِنَ الْعُيُونِ
۽ منجھس کجورين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون
لِيَأْكُلُوا مِنْ ثَمَرِهِ وَمَا عَمِلَتْهُ أَيْدِيهِمْ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ
(ھن لاءِ) تہ سندن ميوي مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نہ بڻايو آھي، پوءِ ڇو نہ شُڪرانو ڪندا آھن؟

Choose other languages: