Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #9 Translated in Sindhi

الرَّحْمَٰنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَىٰ
(اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي
لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَحْتَ الثَّرَىٰ
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھين جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي
وَإِنْ تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَإِنَّهُ يَعْلَمُ السِّرَّ وَأَخْفَى
۽ جيڪڏھن (تون ڀل) ڏاڍيان ڳالھائين تہ بيشڪ اُھو لڪ (۾) ۽ صفا آھستي (چيل ڳالھ سڀ) ڄاڻندو آھي
اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ لَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَىٰ
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو بہ معبود نہ آھي، اُن جا نالا تمام سھڻا آھن
وَهَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ مُوسَىٰ
۽ (اي پيغمبر!) تو کي مُوسىٰ جي ڳالھ نہ پُھتي آھي ڇا؟

Choose other languages: