Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #57 Translated in Sindhi

الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ مَهْدًا وَسَلَكَ لَكُمْ فِيهَا سُبُلًا وَأَنْزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَأَخْرَجْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِنْ نَبَاتٍ شَتَّىٰ
جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، پوءِ اُن سان ھر جنس جا سلن مان جوڙا ڄماياسون
كُلُوا وَارْعَوْا أَنْعَامَكُمْ ۗ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِأُولِي النُّهَىٰ
(چيوسون تہ) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آھن
مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً أُخْرَىٰ
ان (مٽيءَ) مان اوھان کي خلقيوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس اوھان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسون
وَلَقَدْ أَرَيْنَاهُ آيَاتِنَا كُلَّهَا فَكَذَّبَ وَأَبَىٰ
۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريون سون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين
قَالَ أَجِئْتَنَا لِتُخْرِجَنَا مِنْ أَرْضِنَا بِسِحْرِكَ يَا مُوسَىٰ
(فرعون) چيو تہ اي موسىٰ! اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا تہ پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪ مان اسان کي لوڌين؟

Choose other languages: