Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #40 Translated in Sindhi

قَالَ قَدْ أُوتِيتَ سُؤْلَكَ يَا مُوسَىٰ
(الله) چيو تہ اي موسىٰ! بيشڪ (تو لاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو
وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَيْكَ مَرَّةً أُخْرَىٰ
۽ بيشڪ تو تي ھڪ ڀيرو (ٻيو بہ) احسان ڪيوسون
إِذْ أَوْحَيْنَا إِلَىٰ أُمِّكَ مَا يُوحَىٰ
جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو
أَنِ اقْذِفِيهِ فِي التَّابُوتِ فَاقْذِفِيهِ فِي الْيَمِّ فَلْيُلْقِهِ الْيَمُّ بِالسَّاحِلِ يَأْخُذْهُ عَدُوٌّ لِي وَعَدُوٌّ لَهُ ۚ وَأَلْقَيْتُ عَلَيْكَ مَحَبَّةً مِنِّي وَلِتُصْنَعَ عَلَىٰ عَيْنِي
تہ اُن (نينگر) کي صندوق ۾ وجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل تہ درياءُ کيس ڪپ تي اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان تو تي (اي موسىٰ) پيار وڌم، ۽ (گھريم) تہ منھنجي اکين اڳيان پلجن
إِذْ تَمْشِي أُخْتُكَ فَتَقُولُ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ مَنْ يَكْفُلُهُ ۖ فَرَجَعْنَاكَ إِلَىٰ أُمِّكَ كَيْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ ۚ وَقَتَلْتَ نَفْسًا فَنَجَّيْنَاكَ مِنَ الْغَمِّ وَفَتَنَّاكَ فُتُونًا ۚ فَلَبِثْتَ سِنِينَ فِي أَهْلِ مَدْيَنَ ثُمَّ جِئْتَ عَلَىٰ قَدَرٍ يَا مُوسَىٰ
جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي (تڏھن) چيائين ٿي جيڪو اُن کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان؟ پوءِ تو کي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون تہ اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نہ ٿي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئہ پوءِ تو کي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ تو کي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھيہ رھين، وري اي موسىٰ! تون تقدير (الٰھي) مطابق آئين

Choose other languages: