Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #20 Translated in Sindhi

فَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوَاهُ فَتَرْدَىٰ
جيڪو اُن کي نہ مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو تو کي اُن (جي مڃڻ) کان متان روڪي تہ پوءِ ھلاڪ ٿيندين
وَمَا تِلْكَ بِيَمِينِكَ يَا مُوسَىٰ
۽ اي موسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟
قَالَ هِيَ عَصَايَ أَتَوَكَّأُ عَلَيْهَا وَأَهُشُّ بِهَا عَلَىٰ غَنَمِي وَلِيَ فِيهَا مَآرِبُ أُخْرَىٰ
چيائين تہ ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (بہ) فائدا آھن
قَالَ أَلْقِهَا يَا مُوسَىٰ
(الله) فرمايو تہ اي موسىٰ! اُھا اُڇلاءِ
فَأَلْقَاهَا فَإِذَا هِيَ حَيَّةٌ تَسْعَىٰ
پوءِ اُھا اُڇليائين تہ اُھا اُنھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ (نانگ) ٿي پئي

Choose other languages: