Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #17 Translated in Sindhi

وَأَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوحَىٰ
۽ مون تو کي چونڊيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي ٿو سو ٻُڌ
إِنَّنِي أَنَا اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدْنِي وَأَقِمِ الصَّلَاةَ لِذِكْرِي
سچ پچ آءٌ الله آھيان، مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نہ آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر
إِنَّ السَّاعَةَ آتِيَةٌ أَكَادُ أُخْفِيهَا لِتُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا تَسْعَىٰ
بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن جي (وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس محنت جو بدلو ڏجي
فَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوَاهُ فَتَرْدَىٰ
جيڪو اُن کي نہ مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو تو کي اُن (جي مڃڻ) کان متان روڪي تہ پوءِ ھلاڪ ٿيندين
وَمَا تِلْكَ بِيَمِينِكَ يَا مُوسَىٰ
۽ اي موسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟

Choose other languages: